BBC - Newsnight - Altaf Hussain and MQM (11.07... by mrptipakistan
مانجهند نيوز
پنهنجي ڌرتيء تي قدم پنهنجا ڄمايو دوستو
Jul 10, 2013
Jul 8, 2013
Jun 19, 2013
Mar 26, 2013
Mar 14, 2013
مانجهند منهنجي روح م وسي ٿو.فقير محمد لاشاري
لنڊن م رهندي جيتوڻيڪ زندگي الاهي تيز آهي پر پوء به مانجهند ياد اچي ٿو.مانجهند اسان جي روح م وسي ٿو دنيا جي ڪهڙي به ڪنڊ م هجون پر مانجهند جي مٽيء کي وساري نٿو سگھجي ڇو ته ان سان ئي اسان جي سڃا ڻپ اهي. اهڙن خيالن جو اظهار برطانيا م رهندڙ مانجهند جي باصلاحيت نوجوان فقير محمد لاشاري مانجهند نيوز سان هڪ خصوصي ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو.
مانجهند جو هي هونهار نوجوان پنهنجي مدد پاڻ جي طور تي مانجهند جي انهن نوجوانن لاء پڻ حوصلي ۽ همت جو هڪ وڏو سبب آهي جيڪي سرڪاري سطح تي سرپرستي نه ملڻ سبب همت هاري ويٺا
آهن.
لنڊن ۾ ويهي به صفر ملاح جي هوٽل جي چانهه کي ساريندڙ فقير محمد اڄ به مانجهند ۾ گذاريل ڏينهن کي پنهنجي زندگي هند هر پل ء جو انتهائي املهه ۽ قيمتي وقت سمجهي ٿو. بقول هن جي ته اڄ جي مشيني دور م جيتوڻيڪ هر جاء تي هڻ وٺ ۽ وقت جي کوٽ اهي پر مانجهند جي ماڻهن جهڙو خلوص ۽ پيار دنيا م ملڻ مشڪل اهي.فقير ۾حمد مانجهند ۾ تازو ٿيندڙ ڦر ۽ ڌاڙن جي وارداتن تي پڻ افسوس جو اظهار ڪيو.سندس چوڻ هيو ته هي ئي مانجهند هيو جتي سڀ ماڻهو امن ، پيار ۽ سڪون سان رهندا هئا ۽ مانجهند جهڙي علائقي م ان قسم جي وارداتن جو تصور به نه هوندو هئو مگر لڳي ٿو ته هاڻ هن امن جي گهواري کي به ڪنهن ظالم جي .
.نظر لڳي وئي آهي.
فقير محمد لاشاري ٻڌايو ته هو پنهنجي مصروفيتن جي ڪري گذريل ٻن سالن کان پنهنجي جنم ڀومي نه وڃي سگھيو آهي پر هو لنڊن جهڙي بي پناه مصروف شهر ۾ به مانجهند جي گذاريل گھڙين کي تمام گھڻو ياد ڪندو اهي.هن پنهنجي ان معصوم خواهس جو به اظهار ڪيو ته هو مانجهند ۾ هڪ دفعو ٻيهر وڇي صفر ماح جي هوٽل جي سڳين بينچن تي ويهي ونهنجي دوستن سان چانهه پيئندي ماضيء جي انهن لمحن جو ورجاء ڪرڻ گھري ٿو.
مانجهند جي معروف سماجي شخصيت ۽ پنهنجي استاد محمد صالح ميمڻ جي مسلسل جدوجهد واري جذبي کي ساراهيندي فقير محمد جو چوڻ هئو ته مانجهند ۾ اگر ذاتي مفادن کان هٽي ڪري جدوجهد ڪئي وڃي ته ڪافي تبديلي اچي سگهي ٿي.ان کان سواء هو پنهنجي ڪلاس ميٽ ۽ ويجھن دوستن سرتاج ملاح ۽ اڪبر ملاح کي به ساري ٿو.
مانجهند نيوز جي اجراڀ کي هڪ اهم قرار چيندي فقير جو چوڻ هئو ته جديد ٽيڪنالاجي دنيا کي گلوبل وليج بنائي چڏيو اهي. مانجهند ۾ زوار بابو جي گھران ڌاڙي جي خبر مانجهند نيوز زريعي مون وٽ پهرين ئي پهچي وئي ۽ ٻئي ڌينهن جڏهن هن جي پنهنجي ڀاء سان فون تي ڳالهه ٿي ۽ مون کيس ان واقعي کان آگاه ڪيو ته هو حيران رهجي ويو.پر هو ان ڳالهه تي پڻ ڏک جو اظهار ڪري ٿو ته اسان جي نئين نسل اڃان تائين جديد ٽيڪنالاجي ۾ان ڪو ڀرپور فائدو نه ورتو آهي پر هو مانجهند جي نوجوانن جي مستقبل مان هرگز مايوس ناهي.. سندس چوڻ هئو ته انتهائي غريب خاندانن م جنم وٺندڙ مانجهند جي نوجوانن دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ م پهچي اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته ِٽيلينٽ کي پئسي ۽ سفارش
جي ضرورت ڪونهي بس موقعو ملڻ گھرجي.
مانجهند جي نوجوانن جي نالي پنهنجي پيغام م فقير ۾حمد لاشاري چيو ته فقط محنت ۽ وقت جو صحيح استعمال ئي اسان جا بهترين مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا. هن مانجهند جي نوجونن کي تعليم جي طرف وڌ کان وڌ ڌيان ڏيڻ جي گذارش ڪئي.
Mar 9, 2013
Mar 7, 2013
تبصرن جا اطلاع حاصل ڪرڻ لاءِ:
هتي ڪلڪ ڪريو





