اليڪشن ڪڏهن ٿيندي، ؟ ٿيندي به يا نه؟ اهڙا سوال آهن جن جو في الحال ڪو جواب ڏيڻ قبل از وقت آهي پر تر جي روايتي حريف اميدوارن سيد جلال محمود شاهه ۽ ملڪ اسد سڪندر جي وچ ۾ سياسي دنگل جي شروعات ٿي چڪي آهي.حيدآباد ۾ پپليز پارٽي جي سرڪاري شو ۾ تقرير ڪندي ملڪ اسد جو چون هئو ته جلال محمود شاه کي هڪ ڀيرو ٻيهر شڪست لاء تيار رهڻ کپي، هن چئليج ڪندي چيو ته جلال محمود شاه اليشن ۾ بري طرح شڪست کائيندو ، ٻئي طرف بينظير ڀٽو جي شهادت باوجود پ پ اميدوار سڪندر شوري کي ٽف ٽائيم ڏيندڙ ۽ تمام ٿوري مارجن تان اليڪشن هارائيندڙ جلال محمود شاه هن دفعي پر اميد آهي ته عوام پ پ جي گذريل پنجن سالن جي خراب حڪمراني جي جواب م پ پ جي اميدوارن کي هارائي کيس ضرور اسيمبلي تائين پهچائيندو.
پپليز پارٽي جو حيدرآباد وارو سرڪاري شو ڪيترو ڪامياب رهيو قطع نظر ان جي ملڪ اسد سڪندر کي ڄڻ ته آن اسڪرين اچڻ جو موقعو ملي ويو ۽ جلسي جي ٻئي ڏينهن کان وٺي پوري هفتي تائين ڪاوش جي فرنٽ پيج تي شير ڪوهستان جي تعريف جا اشتهار هلندا رهيا.ستر ۾ سائين جي ايم سيد کي شڪست ڏيڻ کانپوء جيتوڻيڪ ڪوهستان جا ملڪ سردار سدائين حاڪماڻين ڌرين جي ويجھو رهيا آهن زمانو چاهي ضياءالحق جو هجي يا وري پرويز مشرف جو ملڪ سردار ۽ ايم ڪيو ايم سدائين اقتداري ڌرين جي ويجهو ئي نظر ايندا پر ائين به ڪونهي ته ملڪ اسد سدائين سن وارن جو حريف ئي رهيو هجي جڌهن ملڪ اسد سڪندر دادوء جو ناظم هئو ته سندس ڳڙهه سمجھيو ويندڙ ڪوٽڙي وري سائين جلال محمود شاهه جي حوالي هوندو هئوجتي سائين جو منظور_نظر خدا بخش جويو تعلقي جو ناظم رهيو.هي اتحاد مڪاني چونڊن جي ٻئي ٽرم تائين قائم نه رهي سگھيو ۽ سيد جلال محمود شاه نه صرف ضلعي ناظمي تان ملڪ اسد سڪندر هٿان شڪست کاڌي بلڪه ڪوٽري تعلقي تان به سندن اميدوار هارائي ويو ۽ سائين جي بادشاهي وڃي مانجهند تعلقي تائين بچي.
2008 م محترمه بينطير ڀٽو جي شهادت جتي سڄي سنڌ کي لوڏي رکيو اتي اليڪشن جي نتيجن تي به وڏي اثر پيو سمجهيو اهو پئي ويو ته سيد جلال محمود شاه پپليز پارٽي جي اميدوار سڪندر شوري کان نه صرف سياسي حيثيت ۾ وڏو آهي پر سائين طرفان پنهنجو هيڊڪوارٽر ڄامشورو ۾ ٺاهڻ سان پڻ سائين جي ووٽ بينڪ تي مثبت اثر پوندو پر اليڪشن جا نتيجا ان جي ابتڙ آيا ۽ سائين جلال محمود شاه قومي اسمبلي سان گڏ صوبائي اسمبلي تي پڻ هارائي ويو.
مسلسل اقتدار ۾ رهڻ ۽ برادرين واري سماج ۾ برادرين جي چڱن مڙسن زريعياليڪشني سياست جو وسيع تجربو رکندڙ ملڪ اسد سڪندر جيتوڻيڪ عوام سان سڌي رابطي ۾ نه رهڻ باوجود سمجهي ٿو ته برادرين جي چڱن مڙسن جي وسيع نيٽ ورڪ زريعي هو هيل به سرسي حاصل ڪري وٺندو پر تر جي سياست تي گهري نظر رکندڙ ان کي ايترو سولو به نٿا سمجهن... جلال محمود شاه جو حامي رهندڙ ۽ هاني ملڪ گروپ جي حمايتي هڪ سابق سياسي ڪارڪن جو چوڻ هيو ته گريجيوئيشن واري شرط جي خاتمي کانپوء ملڪ اسد پاڻ اليڪشن ۾ حصو وٺندو ان ڪري هيل انتهائي سخت مقابلو ٿيندو.
جيتوڻيڪ ملڪ گروپ پراميد آهي ته قومي اسمبلي جي سيٽ تي گڻو سخت مقابلو نه ٿيندو جو ڪوهستان ۾ ايس وي پي جو ڪو خاص نيٽورڪ ڪونهي نه ئي ملڪ چنگيز جو ڪو ايترو ووٽ بينڪ آهي جو هو اتي اثر انداز ٿي سگهي البته ملڪ گروپ جا ويجھا حامي به سمجهن ٿا ته صوبائي اسمبلي جي سيٽ کٽڻ ڪو ايترو سولو ڪم نه هوندو


No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو