علڻ فقير ۽ سر ڪيڏارو
ساروڻيون
جيتوڻيڪ مانجهند هن جي جنم ڀومي نه هيو ۽ هو موهن جي دڙي کان به پراڻي تهذيب آمري جي مٽي جو ماڻهو هئو پر مانجهند هن جي سرير ۾ ساهه وانگر شامل رهيو.مڱڻهار فقير مطلب راڄ جي نياڻي ۽ هن ان رشتي کي واه جو نڀايو. جڏهن به هو مانجهند ايندو هئو ته مانجهند جي هر گھر کي پنهنجي گھر جيان ئي سمجهندو هئو ۽ پوء گھتين ۾ ننڍڙن ٻارن جي هڪ وڏي جلوس ۾ هلندو هئو .. ”علڻ فقيرجو قافلو“.هر گھر ۾ نياڻيون پنهنجي پوتي سرڪائي ٺيڪ ڪنديون هيون جو علڻ جو اچڻ سان ئي پهريون سوال هوندو هئو.. امان پوتي مٿي تي ڇو نه پاتي اٿئي؟..؟ ۽ پوء علڻ سڀني وڏن ننڍن جي خير خبر کان پوء شروع ٿيندو هئو لاڏا سهرا ٻڌائڻ ۾، ان وقت هو واقعي به ڪا راڄ جي نياڻي ئي لڳندو هئو.
سر ته مڱڻهارجي سڃاڻپ آهي، علڻ سريلو ته هيو ئي پر قدرت کيس هڪ نهايت پر سوز آواز به عطا ڪيو هئو ۽ جڌهن به هو پنهنجي روح جي تند تپائي لطيف سائين جي لفّظن کي سر جو روپ ڏيندو هئو ته ني اختيار اکين جا بند ڀڄي پوندا هئا.جيتوڻيڪ علڻ انيڪ رنگن ۾ ڳايو لطيف سائين جي وائي ته هن جي سڃاڻپ بڻي پرهن محمد فقير کان وٺي شيخ اياز تائين پنهنجي سرن کي ايتري ته وسعت بخشي جو هر رنگ هڪ انوکو ۽ جدا رنگ بنجي پيو پر هو جڏهن لخيف سائين جو ڪيڏارو ٺائيندو هئو ته ان پل ڪربلا جو واقعو ڄڻ ته اکين آڏو محسوس ٿيندو هکو، اجهو بس مديني مان حيلين ۾ ڪوفي ڏانهن اسهڻ جي تياري پئي ٿئي ، معصوم صغرا پنهنجي پياري بابي آڏو ٻانهون ٻڌي عرض ڪندي ٿي نطر اچي.. بابا.. سڀ جو وڃو پيا ته مون اڪيلي کي ڪنهنجي جي آسري پيا ڇڏي وڃو.. هڪ دردناڪ آلاپ..
گھوڙن ۽ گھوٽن جيئڻ ٿورا ڏينهڙا
ڪڏهن منجھ ڪوٽن، ڪڏهن راهي رڻ جا
.. لڙڪ اکين جا بند ڀڃي ٻاهر نڪري ايندا هئا.. ۽ لڳندو هئو ڄڻ پوري فضا حسن مير حسين جي غم ۾ ماتم ڪري رهي هجي.. ڏهين محرم جو ڏينهن ٿئي ٿي افسرده ٿو.. شام جي لالي ٿيندي آ ته لڳندو آ ڄڻ ڪربلا جي ميدان ۾ مديني جي شهزادن جو ناحق خون ڦهلجي ويو هجي...عين ان ويل ڀٽين جي پڙ ۾ سوين سوڳوار ماتمين جي اکين جا بند ڀڄي پوندا هئا جڏهن شام غريبان کان پهرين علڻ جي آواز ۾ ڪيڏارو گونجندو هئو.

Allan Faqir (1932-2000) a Pakistani folk singer is one of the foremost exponents of sufi music in Pakistan. He is particularly known for his ecstatic style of performance marked with extreme devotional rhetoric and sufi dance singing.
ReplyDeleteHis peculiarly funny body language and distinctively pleasing facial expressions marked with a broad smile were always amusing for his audience at live performances. Allan Fakir was born in 1932 in the ancient village of Aamari in Jamshoro District Sindh. His mother died soon after his birth. He spent his childhood in Manjhand a town between Sehwan and Hyderabad.
His songs mostly in Sindhi language except a few in Urdu usually revolve around sufism and the devotional philosophy. One of his famous songs is a duet with Muhammad Ali Shehki “Allah Allah kar bhaiya” which was a big hit and increased his popularity tremendously. A patriotic song “Itne bare jeewan saagar main” also got very popular.