ايڊيٽر ڊيسڪ


ايڊيٽر ڊيسڪ 
مانجھند اسان جو جنم ڀومي.. ڀلي ته کڻي مانجھند کان ڪيترو به پري هجون مگر ان جي مٽيء جي مهڪ اڄ به اسان جي روح ۾ رچيل آهي.مانجهند سان روح جون ايتريون تندون ڳنڍيل آهن جو جيسين روح ۽ جسم جو ناتو آهي تيسين مانجهند جي مٽيء سان هي اسان جو من جڙيل رهندو.
مانجهند نيوز جو جنم يقينن هڪ نئين دور جي شروعات آهي، دراصل هن  ڪوشش جو مقصد مانجهند کي پنهنجي محبتن جي ڀيٽا ڏيڻ آهي مانجهند واسي اڄ به سڄي دنيا ۾ وسن ٿا ۽ اسان جي هيء ڪاوش هڪ ننڍڙي پل جيان انهن کي هڪ ٻئي سان جوڙڻ جو وچن آهي۽ اسان کي اميد آهي ته مانجهند جي مٽيء جي مهڪ ضرور سمورن مانجهند واسين کي هڪ ٻئي سان جوڙي رکندي.
مانجهند نيوز جو مقصد نه ته ڪنهن جي ڪردار ڪشي آهي نه ته وري ڪنهن جي لاء ٽيڪ بنجڻ ..!! اسان جو ڏاڍو سادو مقصد آهيـ مانجهند جي آواز کي دنيا تائين پهچائڻ ۽ مانجهند واسين کي دنيا سان جوڙي رکڻ“ . ماضيء جي شاندار تاريخ جي آگاهي ۽ هڪ بهتر مستقبل جي روشن راه جو سفر.اسان جي ڪوشس رهندي ته اسان مانجهند جي تاريخ جي انهن پاسن کان آگاهي ڏيون جن کان اڄ ڏينهن تائين اسان جو نئون نسل نا آشنا آهي اسان جو ايمان آهي ته جيسين اسان پنهنجي ڪلهه کان واقف نه هونداسين تيسيتائين اسان هڪ بهتر سڀاڻي جو بنياد نه رکي سگهنداسين.
 ۽ هي سمورو سفر اوهان دوستن جي ساٿ کانسواء اڻپورو بلڪه ڪجھ به نه آهي اسان سمجهون ٿا ته مانجهند ۾ سهوليتن جي اڻ هوند ، جديد ٽيڪنيڪ تائين رسائي نه هجڻ ڪري اسان دنيا کان تمام گهڻو پوئتي آهيون پر اسان جي نئين نسل جي انٽرنيٽ ۾ وڌندڙ دلچسپي ڏسي اسان سمجهون ٿا ته مستقبل ۾ ”مانجهند نيوز“ يقينن مانجهند واسين جي دل جو آواز بنجندي ۽ مانجهند واسي جڏهن به پنهنجي ڪمپيوٽر ۽ موبائل تي انٽرنيٽ کوليندا ته سندن پهريون ڪلڪ ـمانجهند نيوز “ هوندي.
مانجهند نوز جو موبائل ورزن به تياري هيٺ آهي ؟ اميد تي جلد ئي مانجهند نيوز جي موبائل لنڪ به جاري ڪئي ويندي ۽ اسان جا موبائل استعمال ڪندڙ دوست فيس بڪ وانگر فقط هڪ ڪلڪ سان مانجهند نيوز سان به سلهاڙجي ويندا.
مانجهند نوز کي منهنجا قيمتي رايا موڪليو . فيس بڪ تي اسان جي لنڪwww.facebook.com/مانجهندنيوز
تي اسان کي ٻڌايو ته اوهان مانجهند نيوز تي ڇا ٿا ڏسڻ ۽ پڙهڻ چاهيو. اوهان پنهنجون لکڻيون ميل به ڪري سگھو ٿا.اسان جي اي ميل ايدريس آهي . manjhandnews@gmail.com
اسان کي اوهان جي راين جو شديد انتطار رهندو.اسين پڪ ٿا ڏياريون ته مانجهند نيوز جي پوري ٽيم اوهان جي راين ۽ لکڻين کي ڀرپور ڀليڪار ڪندي. اسان انهن تمام دوستن جا تمام گھڻا شڪرگذار آهيون جن اسان جي سڏ کي ورنايو آهي ۽ انهن دوستن کي گذارش به ڪنداسين ته مانجهند نيوز کي هر نيٽ استعمال ڪندڙ مانجهند واسي تا؟ين پهچايوجيئن مانجهند واسين جو سگھاارو آواز دنيا ۾ وسيندڙ تمام مانجهند واسين تائين پهـچائي سگھجي.

نهايت محبتن سان
ٽيم –مانجهند نيوز
Face Book Link: www.facebook.com/ مانجهند نيوز
Facebook Link-2/www.facebook.com/manjhandnewsmj

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو