ايم بي سنڌي ”ڪيو آر ڪوڊ“ سيل

”ڪيو آر ڪوڊ“ ڇا آهي؟ هي ڪوڊ اوهان کي جديد موبائل سيٽن تان ويب ائڊريس ٽائپ ڪرڻ بنان ويب پيج کولي ڏيندو آهي. اوهان صرف پنهنجي سمارٽ فون تان بار ڪوڊ اسڪينر وسيلي ايم بي سنڌي جو هي ڪوڊ کي اسڪين ڪيو ۽ وڌيڪ اوهان جو فون پاڻ توهان کي ايم بي سنڌي ويب سائيٽ تي پهچڻ لاءِ مددي ڪم ڪندو.
سماجي رابطن ۾ گڏجو
عبدالماجد ڀرڳڙي
عبدالماجد ڀرڳڙي
ايم بي سنڌيءَ ڇا ڪيو؟
01سنڌي زبان ڪمپيوٽر تي آندي وئي.
02جديد ترين پروگرامن ۾ سنڌي آندي وئي.
03ونڊوز 8 ۾ سنڌي ٻولي شامل ڪئي وئي.
04سنڌي ٻولي هر آپريٽنگ سسٽم ۾ اچي وئي.
05ويب جي دنيا ۾ اجڪس ٽيڪنالاجي ۾ سنڌي اچي وئي.
06سنڌي اڊوبي جي جديد گرافڪ ۾ آندي وئي.
سُر ڪلياڻ
داستان پهريون
ساراه هڪ ڌڻيءَ جي جڳائي، جو ٻنهي جهانن جو والي آهي ۽ جنهنجو ثاني ٻيو ڪو به نه آهي. جي سندس هيڪڙائيءَ کي مڃن ٿا، سي ڪڏهن به راه تان ٿڙن نه ٿا ۽ کين ڪوبه ڏک نه ٿو رسي. سچي ڄاڻ وارا صاحب هميشه سن ۾ ٿا گھارين ۽ سارو وقت روحاني ديس جو سير پيا ڪن. کٽڻ ۽ هارائڻ جو هنڌ هيءَ دنيا ئي آهي. هتي ئي "جنت جو جام" حاصل ڪري ٿو سگھجي. هيءَ سموري ڪثرت (گھڻائي) هيڪڙائيءَ مان پيدا ٿي آهي. هي سمورو مانڊاڻ هڪ محل آهي، جنهن کي سهسين دريون آهن. دريءَ دريءَ مان هڪ ئي دلبر جو ديدار ٿو پسجي. هو نه عاشق، نه معشوق، نه خالق، نه مخلوق. پاڻ سونهن جو سر آهي ۽ پنهنجي حسن تي پاڻ حيران آهي.
1
اَول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي؛
قادِرُ پنهنجي قُدرت سين، قائم آهِ قديم؛
والي، واحِدُ، وَحۡدَهٗ، رازق، رَبُّ رَحِيم؛
سو ساراه سچو ڌڻي، چئِي حَمدُ حَڪِيم؛
ڪري پاڻ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جهان جي.
2
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَہٗ، جن اُتوسين ايمانَ؛
تن مڃيو مُحمَّدُ ڪارَڻِي، قَلبَ ساڻ لِسانَ؛
اُوءِ فائِقَ ۾ فَرمان، اَوَتڙِ ڪنهن نه اوليا.
3
اَوَتڙَ ڪنهن نه اوليا، سُتَڙِ ويا سالِمَ؛
هيڪائِي هيڪُ ٿيا، اَحَدَ سين عالِمَ؛
بي بها بالِمَ، آگي ڪيا اڳَهِين.
4
آگي ڪيا اڳَهِين، نسورو ئي نُور ؛
لَا خَوفٌ عَلَيهِمۡ وَلَا هُمۡ يَحۡزَنُونَ، سچن ڪونهي سُور؛
مولي ڪيو معَمُور ، انگُ اَزَلَ ۾ اُنِ جو.
5
وَحۡدَهٗ جي وڍيا، اِلَا الله سين اورِينِ؛
هِنيون حقيقت گڏيو، طريقت تورِينِ؛
معرفت جي ماٺ سين، ڏيساندَرُ ڏورِينِ؛
سُک نه سُتا ڪڏهين، ويهي نه ووڙِينِ؛
ڪُلَهِنئُون ڪورِينِ، عاشق عَبۡدُاللَطِيفُ چئي.
6
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَہٗ، ٻُڌءِ نه ٻوڙا؛
ڪه تو ڪنين سُئا، جي گَھٽَ اَندر گھوڙا؛
ڳاڙيندين ڳوڙها، جت شاهد ٿِيندءِ سامُهان.
7
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَہٗ، اِهو وِهائج وِيُّ؛
کَٽين جي هارائِئين، هنڌ تُنهنجو هِيُّ؛
پاڻان چوندُءِ پِيُّ، ڀري جام جَنَّت جو.
8
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَہٗ، اِيُ هيڪڙائِئَ حَقُّ؛
ٻيائِي کي ٻَکُ، جن وڌو، سي ورِسيا.
9
سِرُ ڍُونڍيان، ڌڙ نه لهان، ڌڙ ڍُونڍيان، سِرُ ناهِ؛
هَٿَ ڪَرايُون آڱريون، ويا ڪپجي ڪانِھ؛
وحدت جي وِهاۡنءِ، جي ويا، سي وڍيا.
10
عاشق چَؤ مَ اُنَ کي، مَ ڪِي چَؤ معشوق؛
خالق چَؤ مَ خام تون، مَ ڪِي چَؤ مخلوق؛
سَلِج تنهن سُلوڪ، جو ناقِصئا نِڱيو.
11
وحدتان ڪثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪُلُّ؛
حق حقيقي هيڪڙو، ٻولئ ٻِئ مَ ڀُلُ؛
هُو هُلاچو هُل، باالله سندو سڄڻين.
12
پاڻَهِين جَلَّ جَلَالَہٗ، پاڻهِين جانِ جمالُ؛
پاڻهِين صورت پِرِينءَ جي، پاڻهِين حُسن ڪَمالُ؛
پاڻهِين پِر مُريد ٿئي، پاڻهِين پاڻَ خيالُ؛
سڀ سڀوئي حالُ، منجھان هي معلوم ٿئي.
13
پاڻَهِين پسي پاڻکي، پاڻهِين محبوب؛
پاڻهِين خلقي خُوب، پاڻهِين طالب تن جو.
14
پڙاڏو سو سَڏُ، وَرُ وائِيءَ جو جي لَهِين؛
هُئا اَڳَهِين گڏ، ٻُڌڻ ۾ ٻه ٿيا.
15
ايڪ قَصَرُ، دَرَ لَکَ، ڪوڙين ڪَڻِسِ ڳڙکيون؛
جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن صاحب سامهُون.
16
ڪوڙين ڪايائُون تُنهنجيون، لِکَن لَکَ هزارَ؛
جِئُ سڀڪنهن جئَ سين، دَرسن ڌارون ڌَار؛
پِريَمِ تنهنجا پارَ، ڪهڙا چئِي ڪيئن چوان.
وائي
سڀڪا پريان ڪُون پُوڄي؛
نينهن نيڻين، ڳُڻُ ڳالھ وو.
جا چِتايم چِتَ ۾، سڄڻ سا ٿو ٻُجھي؛
لات جا لَطِيفُ جي، سَڏُ تنهنجو سُڄي.
داستان ٻيو
پرينءَ وٽ نيٺ پريم جي اَگھائي اَگھي ٿي. ويڄن جون سُتيون، پيڄون ۽ ڊڀ هن اَگھائيءَ ۾ ڪو به اثر نه ٿا ڪن. عاشقن لاءِ سُوري سينگار آهي ۽ مرڻ مشاهدو. جنکي سچي شراب جي طلب آهي، تن کي پنهنجو سر ڪلال جي هٽ تي وڍائڻو آهي. جن سچي شراب جي سُرڪي، سِر جي عيوض ملي ته به سستي چئبي. هي هڏو ۽ چم، پرينءَ جي جي پِڪ برابر به نه آهي. سپرينءَ سان گڏ هڪ ساعت گھارڻ سؤ سرن کان به مٿي آهي. سڪڻ جي معنىٰ ئي آهي سر ڏيڻ. هي بي بها شراب لکئي سان ٿو ملي، نه سر ڏيڻ سان.
1
اگھي اَگھائي، رَنجُ پِريان کي رسيو؛
چَکيَمِ چڱائِي، سورانگھي سُورِيءَ تان.
2
انڌا اُونڌا ويڄَ! کَلَ ڪُڄاڙيا کانئِين؟
اسان ڏُکي ڏِيل ۾، تون پيارِئين پيڄَ؟
سُورِي جنِين سيڄَ، مرڻ تي مُشاهِدو.
3
سُوري آهِ سينگار، اَڳَهِين عاشقن جو؛
مُڙڻ موٽڻ ميهڻو، ٿيا نِظاري نِروارُ؛
ڪُسڻَ جو قَرارُ، اصل عاشقن کي.
4
سُوريءَ مٿي سيڻَ، ڪهڙي ليکي سَنَرا؟
جيلَہ لڳا نيڻَ، تي سُوريائِي سيڄَ ٿي.
5
سُوريءَ تي سَؤ وارَ، ڏِهاڙيو چَنگ چڙهين؛
جِمَ وِرچي ڇڏئين، سِڪڻ جي پَچَار؛
پِرت نه پسِين پارَ، نيهن جِئان ئي نِڱيو.
6
پهرين ڪاتي پاءِ، پڇج پوءِ پريتڻو؛
ڏُکُ پِريان جو ڏِيلَ ۾، واڄَٽَ جئن وَڄاءِ؛
سِيخن ماهُ پَچاءِ، جي نالو ڳِيڙُءِ نِينهنَ جو.
7
ڪاتِيءَ ڪونهي ڏوهُ، ڳَنُ وڍيندڙَ هٿ ۾؛
پَسيو پَرِ عجيب جي، لِچيو وڃي لوهُ؛
عاشقن اندوه، سدا معشوقن جو.
8
ڪاتِي تکي مَ ٿئي، مَرُ مُنِيائِي هوءِ؛
مانَ وِر مَن توءِ، مُون پِريان جا هٿڙا.
9
اڳيان اَڏِنِ وَٽِ، پويَن سِر سنباها؛
ڪات نه پوين قبولَ ۾، مَڇُڻ ڀائين گَھٽِ؛
مٿا مُهايَنِ جا، پيا نه ڏِسين پَٽِ؟
ڪلالڪي هَٽِ، ڪُسڻ جو ڪوپُ وَهي.
10
جي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ جي، ته وَنءُ ڪلالن ڪاٽي؛
لاهي رک، لَطِيفُ چئي، مٿو وَٽِ ماٽي؛
تڪ ڏيئي پِڪَ پِيُ تون، منجھان گھوٽ! گھاٽي؛
جو وَرَنَہَ وِهاٽي، سو سِر وَٽ سَرو سهانگو.
11
جي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ جي، ته ونءُ ڪلالڪي ڪُوءِ؛
مَهيسَر جي مَنڌَ جِي، هُتِ هَڏهِين هُوءِ؛
جان رمز پروڙيم روءِ، تان سِرَ وَٽِ سُرڪِي سَڳُڻي.
12
ناڻي ناهِ ڪَڪُوهُ، ڪي ملھ مهانگو مَنڌُ؛
سَنباهج، سيّد چئي، ڪاٽڻ ڪارڻ ڪَنڌُ؛
هِيُ تنِين جو هنڌُ، مَن پاسِ مَرَنِ جي.
13
عاشَق زهر پِياڪَ، وِهُ ڏسِي وِهُسَنِ گھڻو؛
ڪڙي ۽ قاتلَ جا، هميشہ هيراڪَ؛
لڳين لنؤ، لَطِيفُ چئي، فَنا ڪيا فِراقَ؛
توڻي چِڪَنِنِ چاڪَ، ته به آهَ نه سَلِن عامَ کي.
14
مَ ڪَرِ سَڌَ سَري جي، جي تون ٽارِئين ٽُوهُ؛
پِتي جنهن پاسي ٿئي، منجھان رَڳُن رُوح؛
ڪاٽي چَکُ ڪڪُوهُ، لاهي سِرُ، لَطِيفُ چئي.
15
سَڌَڙِيا شراب جون، ڪُہُ پَچارُون ڪنِّ؟
حُه ڪاتَ ڪَلالنِ ڪڍيا، ته موٽيو پوءِ وڃنِّ؛
پِڪُون سي پِينِّ، سِرَ جن جا سَٽِ ۾.
16
سِرَ جُدا، ڌَڙَ ڌارَ، دوھَ جنين جا ديڳِ ۾؛
سي مَرُ ڪن پَچارَ، حاضر جن جي هَٿ ۾.
17
اصل عاشقن جو، سِرُ نه سانڍڻُ ڪمُ؛
سَؤ سِسِنئان اَڳَرو، سَندو دوسان دمُ؛
هِيُ هڏو ۽ چمُ پِڪَ پِريان جِيَ نه پَڙي.
18
جي مٿي وٽِ مِڙَنِ، ته سڀڪنهن سَڌَ ٿئي؛
سِرَ ڏني سَٽِ جُڙي، ته عاشقَ اِئن اچنِ؛
لڌا تي لَڀَنِ، مُلھِ مَهانگا سُپرينِ.
19
مُلھ مَهانگو قَطَرو، سِڪَڻُ شَهادت؛
اَسان عِبادتَ، نَظَرُ نازُ پِريَنِ جو.
وائي
مَنڌُ پئندي مون، ساڄَنُ سهي سُڃاتو؛
پِي پِيالو عِشقَ جو، سڀڪِي سمجھيو سُون؛
پِريان سندي پارَ جِي، اَندرِ آڳ اَٿُون؛
جِئڻُ ناهي جَڳَ ۾، ڏينهن مِڙيئي ڏُون؛
اَلا، عَبۡدُاللَّطِيفُ چئي، آهين تُون ئي تُون.
داستان ٽيون
1
اُٿياري اٿي وِيا، مَنجھان مُون آزارَ؛
حبيبَ ئي هڻِي ويا، پِيڙا جا پَچار؛
طَبيبن تَنوارَ، هَڏِ نه وڻي هاڻِ مون.
2
اَورِ ڏُکَندو اُو ٿئي، هادِي جنهن حَبِيبُ؛
تِرُ تَفاوتُ نه ڪري، تنهنکي ڪو طَبِيبُ؛
رَهَنُما رَقِيبُ، ساٿَرِ صِحتَ سُپِرين.
3
ساٿَرِ صِحتَ سُپِرِين، آهي نه آزارُ؛
مجلسَ ويرَ مِٺو ٿئي، ڪوٺِيندي قَهارُ؛
خَنجرُ تنهن خُوب هڻي، جنهن سين ٿئي يارُ؛
صاحِبُ رَبُّ ستَّارُ، سوجھي رَڳُون ساهَ جون.
4
رَڳُون ٿيون ربابُ، وَڄَنِ ويلَ سَڀَڪَنهِين؛
لُڇَڻُ ڪُڇَڻُ نه ٿِيو، جانِبُ ري جَبابُ؛
سوئِي سَنڌِيندُم سُپِرِين، ڪَيسِ جنهن ڪَبابُ؛
سو ئِي عينُ عَذابُ، سو ئِي راحَتَ رُوحَ جي.
5
سو ئِي راهَ رَدِّ ڪري، سو ئي رَهَنُماءُ؛
وَ تُعِزُّ مَنۡ تَشَآءُ، وَ تُذِلُّ مَنۡ تَشَآءُ.
6
سِڪِين ڪُہ سَلامَ کي، ڪَرين ڪہ نه سَلامُ؟
ٻيا دَرَ تن حرامُ، اِيُ دَرُ جنِين ديکيو.
7
مِٺايان مِٺو گھڻو، ڪَڙو ناه ڪَلامُ؛
سُڪُوتُ ئِي سَلامُ، پِريان سَندي پارَ جو.
8
پريان سَندي پارَ جي، مِڙيئي مِٺائي؛
ڪانهي ڪَڙائي، چَکِين جي چيتُ ڪري.
9
تو جنِين جي تاتِ، تن پڻ آهي تنهنجي؛
'فَاذۡڪُرُونِي اَذڪُرۡ ڪُمۡ'، اِيَ پَرُوڙِج بات؛
هَٿِ ڪاتي ڳُڙُ واتِ، پُڇَڻُ پَرِ پِرِين جي.
10
پاٻوهي هيڪارَ، مون کان پُڇيو سَڄَڻين؛
اَلَسۡتُ بِرَبِّڪُمۡ، چَيائون جنهن وارَ؛
سَندي سورَ ڪِنارَ، تَنَ تَڏهانڪُون نه لهي.
11
پاٻوهِيو پُڇَنِّ، ڪِٿي هَٿُ حَبِيبَ جو؛
نيزي هيٺان نِينهنَ جي، پاسي پاڻُ نه ڪَنِّ؛
عاشِقَ اَجَلَ سامُهان، اوچي ڳاٽ اَچَنِّ؛
ڪُسَڻُ قُربُ جَنِّ، مَرَڻُ تَنِّ مُشاهِدو.
12
ڪوٺي ڪُهي سُپرِين، ڪوٺي ڪُهڻَ ساڻُ؛
نيزي هيٺان نِينهنَ جي، پاسي ڪر مَ پاڻُ؛
ڄُلُ، وِڃائي ڄاڻُ، عاشِقَ! اَجَلَ سامهُون.
13
ڪوٺڻُ قَريبَـنَ جو، عيـنُ تَڙڻُ آهِ؛
اِيَ اُلٽي ڳالَھڙِي، سِڪَ وَرَندِي ساهِ؛
آسَرَ هَڏِمَ لاهِ، ڇِنَڻُ ڳَنڍَڻُ اُنِ جو.
14
ڪُهَنِّ تان ڪَرَ لَـهَنِ، ڪَرَ لَـهَنِ تان ڪُهَنِّ؛
سيئِي ماءِ! مُهَنِّ، سيئي راحتَ رُوحَ جِي.
15
ڪُهي سو ڪَرَ لَـهَي، ڪوٺي سو قَريبُ؛
اِها عادتَ سِکيو، هَر زَمان حبيبُ؛
تِڇي سو طبيبُ، سو ئي راحتَ رُوحَ جِي.
وائي
ٿيندو تَنَ طبيبُ، دارُون منهنجي دَردَ جو؛
ٻُڪِي ڏيندُم ٻاجَھه جِي، اَچِي شالَ عجيبُ؛
پِرِين اچي پاڻَ ڪِيو، سندو غورُ غريبَ؛
ڏُکندو سڀوئي ڏُور ڪيو، مَنجھون تَنَ طبيبَ؛
اَديُون! عَبۡدُاللَّطِيفُ چَئي، هاتِڪُ آهِ حبيبُ.
عبدالماجد جي ڪهاڻي، سندس والد جي زباني
عبدالماجد، سنڌي ڪمپيوٽنگ جو باني، منهنجو وڏي ۾ وڏو فرزند آهي. هُو 8 فبروري 1948 تي پيدا ٿيو جڏهن مون لاڙڪاڻي...
سگھو ئي عبدالماجد جي گھرواري سخت بيمار ٿي پئي. در اصل هو جڏهن لاڙڪاڻي مان لاهور وئي تڏهن ئي سندس طبيعت...
ڪراچي ۾ رهائش دؤران هڪ ڀيري سندن غيرموجودگي ۾ شام جي وقت ڪجھ هٿيار بند ماڻهن سندس رهائش تي ڌاڙو هنيو...
اهڙي ريت، انڪم ٽيڪس جي نوڪري مان مالي گھرجن جو پورائو نه ٿيڻ ڪري پريشاني، بهتر سرڪاري نوڪرين ۾ سفارشي اميدوارن...
هن کي فنانس جي بجاءِ، جنهن ۾ کيس ڊگري به هئي ۽ تجربو به، خريداري کاتي يا پرچيز ڊپارٽمينٽ ۾ رکيائون...
فيس بڪ تي
ايم بي سَٿَ جا مقصد
- سنڌي ٻوليءَ کي جديد ترين ٽيڪنالاجيءَ ۾ رائج ڪرڻ
- موبائل ٽيڪنالاجيءَ جي سرشتي ۾ سنڌي رجسٽر ڪرائڻ
- سنڌي ڪتابن کي ڊجيٽل ڪتابن ۾ منتقل ڪرڻ
- سنڌي نوجوانن کي هن ٽيڪنالاجيءَ ۾ ڀڙ ڪرڻ
تازه ترين بلاگ
هڪ وک اڳڀرو: اي پب فارميٽ ۾ پهريون سنڌي اي بوڪ
اٺ سال اڳ، انٽرنيٽ تي شاه سائين جي رسالي جي اشاعت جي سعادت نصيب ٿي....
ترت رابطي لاءِ
This email address is being protected from spambots. You need JavaScript enabled to view it.
سياٽل، واشنگٽن رياست، آمريڪا














No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو