Oct 24, 2012

مانجهند جو تاريخي مندر تباهيء ڪناري

مانجهند جو تاريخي مندر تباهيءڪناري


تاريخ جو ٿورو به  ادراڪ رکندڙ ڀڳت ڪنور رام جي المناڪ قتل کان ضرور واقف هوندا. سنڌ جو هي سخي مرد راڳي مانجهند جي ٽڪاڻي ۾  پنهنجي راڳ جي محفل کان پوء واپس ويندي رڪڻ اسٽيشن تي مذهبي جنونين هٿان ماريو ويو هئو. هيء ان ئي ٽڪاڻي جي تصوير آهي جيڪا سنڌ جي تقدير وانگي  پنهنجو پاڻ تي ماتم ڪري رهي آهي.
      اسان سنڌي ماڻهو جيتوڻيڪ پنهنجي شاندار ماضي، قديم ثقافت تي فخر ڪندي پنهنجي ان شاندار ماضي ء جا مثال ڏيندا آهيون پر جڏهن به ان شاندار تاريخ جي محفوظ هئڻ جي ڳالهه نڪتي آهي ته اسان جا ڪنڌ سچ نه ته شرم کان جھڪي ويندا آهن.، اجھو ڪالهوڻي ڳالهه ئي ته آهي حيدرآباد جو پڪو قلعو اڄ ڪهڙن حالن ۾ آهي. ڪهڙي طرح ڌرتي ڌڻين لاء ان کي نو گو ايريا بنايو ويو اسان بس ڏسندا ئي رهجي وياسين ۽ اسان جي تاريخ جو هڪ اهم باب اسان جي اکين اڳيان کسجي ويو،ساڳيو ئي حال سڄي سنڌ جي تاريخي عمارتن جو آهي. پنجاب واسين پنهنجي تاريخ جي ننڍي ۾ ننڍي اسم کي نه  صرف بچائي رکيو آهي پر ان کي تاريخي ورثو قرار ڌئي ان جي مناسب سنڀال به ڪئي پئي وڃي اسان وٽ ته وري قصو ئي ابتو آهي  سرڪاري سرپرستي ۾ اسان جي تاريخ جا اهم ورق صفحه هستي تان ايئن ميساريا پيا وڃن ڄڻ ته اهي ناجائز قبضه هجن.
    سرڪاري سرپرستي نه هجن جو پٽڪو ڪرڻ ته هونء به فضول آهي، سرڪار ڀلا جيئرن جاڳندن ماڻهن لاء ڇا ڪيو آهي  جو ان تي ميار رکجي تا اها اسان جي ڀرندڙ ۽ ڀڄندڙ تاريخي ورثي کي بچائڻ لاء ڪو قدم کڻي، پر اسان جو مجموعي رويو به انتهائي مايوس ڪندڙ رهيو آهي.
مانجهند ماضيء جو هڪ نهايت خوبصورت شهر رهيو آهي ڪرچي ضلعي جو تعلقو هجڻ کان علاوه هڪ وڏو ڪاروباري مرڪز پڻ رهيو آهي، ان ڪري ان جي هڪ پنهنجي خاص سڃاڻپ رهي آهي،جيتوڻيڪ درياء بادشاه جي ڀڪ ۾ هجڻ ڪري سدائين سهڻي وانگر لهرن جي ور چڙهندو پئي آيو آهي،درياه بادشاه جا انگل آرا کڻندي اڄ ٻن صدين کان به وڏي عمر رکندڙ ماضي ء جو هي خوبصورت شهر جيتوڻيڪ هڪ ننڍڙي شهر جو روپ وٺي بيٺو آهي پر ماضيء جا نشان اڄ به ان جي عظمت جي گواهي ڏئي رهيا آهن.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو