ريڊيو

http://www.radiovoiceofsindh.com/
Radio Voice of Sindh

WHICH PROGRAM DO U LIKE on Radio Voice of Sindh London
DAHAAP JA DAS
KACHEHRI
SUFI JO SOZ
KHABRAN JE DUNAYA

  • KHABRON JE DUNYA 05 MAR
  • KHABRON JE DUNYA 04 MAR
  • KHABRON JE DUNYA 03 MAR
  • KHABRON JE DUNYA 02 MARCH
  • Kachehre 26 FEB
VIEW ARCHIEVE

 سنڌ صدين کان شاندار تهذيبي ورثي جي مالڪ ۽ قدرتي وسيلن ۾ انتهائي زرخيز رهي آهي . دنيا جي اهم گذرگاهه ۽ زرخيزيءَ جي ڪري وسيلن ۽ اختيار تي قبضي لاءِ ڌارين قوتن پاران هميشه ڪوشش ٿيندي رهي آهي.انهيءَ ڪري سنڌ ڌرتي ماءُ جي حفاظت لاءِ سنڌي ڪونڌر ماڻهن وري وري لکن جي انگ ۾ پنهنجون جانيون قربان ڪيون آهن ۽ هي سرفروشي جو سلسلو جاري آهي. جيستائين دنيا ۾ ڏاڍ ، ظلم ۽ جبر جي زور تي مظلوم قومن جي وسيلن تي قابض ٿيڻ واري روش قائم آهي . تيستائين حق ، سچ ۽ پنهنجي وسيلن جي حفاظت واري جنگ ۽ جدوجھد به مسلسل
READ MORE...

هوم پيج

 

سنڌ جي صورتحال اوهان سڀني جي آڏو  آهي. هر ماڻهو پريشان آهي. بک ، بيروزگاري ، بدامني ، جھالت ، منشيات  جو عام استعمال . سنڌ جي صوفي منش ماڻهن کي ذات پات، مذهب ۽ فرقن ۾ ورهائي هڪٻئي جو دشمن بنايو ويو آهي. ٻي    طرف سنڌي ماڻهن جي وسيلن تي ڏاڍ ۽ جبر جي زور تي قبضو ڪري ڌرتي ڌڻين کي ڪنگال بنايو ويو آهي. انهي سموري صورتحال  کي تبديل ڪرڻ لا۽ سنڌ دوست ڌريون پنهنجو مثبت ڪردار ڪري رهيون آهن. ان جو نتيجو اهو سامهون اچي رهيو آهي ته رياستي ادارن پاران انتقامي ڪاروايون  تيز ڪيون ويون آهن. تازو سنڌ جي هردلعزيز قومپرست آڳواڻ بشير خان قريشي کي هڪ سازش تحت زهر ڏئي ماريو ويو، 22 مئي تي سنڌين کي پنهنجي ڌرتي تي مالڪي ڪرڻ واري پرامن محبت سنڌ ريلي تي سرڪاري ادارن جي نگراني ۾ دهشتگردن ڏينهن ڏٺي جو انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ٽن نياڻين سميت 15 معصوم سنڌين کي ماريو ويو. ساڳي ڏينهن 15 مهينا اڳ خفيه ايجنسين پاران اغوا ڪيل سنڌ جي قومپرست اڳواڻ مظفر ڀٽو جي گولين سان  پروڻ ٿيل لاش جو تحفو سنڌي ماڻهن کي ڏنو ويو. هت ان تفصيل ٻڌائڻ جي ضرورت ان ڪري به آهي ته سنڌي ماڻهو هاڻ رياستي ڏاڍ ۽ جبر سان مهاڏو اٽڪائڻ واري ويڙه ۾ اڳ کان اڳرو آهي. جيئن دشمن سنڌين جو گھيرو تنگ ڪري رهيو آهي تيئن ڌرتي ڌڻي به پنهنجو تاريخي ڪردار ادا ڪرڻ ۾ اڳڀرا نظر اچن ٿا. هت سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته اسان جون ڀينر ۽ نياڻيون ڌرتي ماءٌ تي سر گھورڻ ۾ اڳڀريون آهن ته پو۽ هن قومي جدوجهد کي  ڪير به نٿو روڪي سگھي.
   هن فيصلائتي گھڙي ۾ ريڊيو وائيس آف  سنڌ لنڊن پنهنجي سفر جي شروعات ڪري چڪو آهي اسان کي دنيا جي هر ملڪ ۾ رهندڙ سنڌين جي ساٿ جي ضرورت آهي. جيئن ماضي ۾ مون شاگرد دور کان وٺي پو۽ صحافت واري دور جنهن ۾ سنڌ سجاڳ، عوامي آواز ۽ سوڀ واري سفر دوران سنڌ جي حقن واري ويڙه وڙهي آهي ، ان ويڙه ۾ جن ساٿين مون سان گڏجي تاريخي ڪردار ادا ڪيو. اهڙي ڪردار سبب سنڌ جي آواز کي انتهائي بااثر بنائي جديد صحافت جي شروعات ڪندي پنهنجي عوام جي ڀرپور نمائندگي ڪئي آهي. مان اهڙي تاريخي ڪردار ادا ڪرڻ تي پنهنجي ساٿين کي جس ڏيان ٿو ۽ گذارش ڪريان ٿو ته اڄ سنڌ کي هڪ دفعو وري اوهان جي ضرورت آهي . ريڊيو وائيس آف سنڌ لنڊن اوهان جي سهڪار سان سنڌواسين جي هن ڏکي وقت ۾ نمائندگي ڪرڻ لا۽ ساري رهيو آهي. توهان سنڌ سميت دنيا جي ڪهڙي بي حصي ۾ رهو ٿا. پنهنجي شهر. علائقي  جي عوام جي نمائندگي ڪرڻ ۽ انهن جي مسئلن کي حل ڪرائڻ چاهيو ٿا ته  ريڊيو وائيس آف سنڌ جي سٿ ۾ شامل ٿي پنهنجو تاريخي ڪردار ادا ڪريو.
   واقعي جيڪڏهن اوهان پنهنجي سنڌ ڌرتي ماءٌ جي ڏکن سورن جو خاتمو ڪرڻ لا۽ سنجيده آهيو   ۽ ان کي  جنت نما خوبصورت بنائڻ چاهيو ٿا جتي بنا فرق جي سڀني کي زندگي جون بنيادي سهولتون ميسر ٿي سگھن. ته پو۽ ريڊيو وائيس آف سنڌ لنڊن جي سٿ ۾ شامل ٿيڻ لا۽ ريڊيو جي اي ميل ايڊريس تي پنهنجا مڪمل تفصيل موڪلي ڏيو.
 سدائين سنڌ خوشحال ٿئي ۽ سنڌي ماڻهوسکيو ۽ ستابو ٿئي.
           
 امداد علي اوڍو _ چيف ايگزيڪيوٽو
wwww.imdadaliodho.com
           Radio Voice of Sindh London
Sindh Broadcasting Company Ltd UK
     Phone.0044 7446300583

 

 

 

 


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو