سياسي رائونڊاپ
مڪاني نطام جو بل آڻڻ جو فيصلو ٿيڻ کان اڳ واري
رات جيتوڻيڪ اها ڳالهه پڌري هئي ته پپليز پارٽيِ ٻئي ڏينهن نه صرف اهو بل پيش ڪندي
پر ان کي منطور به ڪرائي وٺندي جو کين ائين ڪرڻ جو مٿان کان حڪم مليل هئو ۽ ان
ڏينهن” رئيس وڏي“ جي لنڊن ۾ الطاف انڪل سان ملاقات رٿيل هئي ۽ يقينن ان ملاقات ۾
ان کان وڏو ڪهڙو گفٽ هجي ها جيڪو” رئيس وڏو“ پنهنجي جنم جنم جي اتحادي کي پيش ڪري
ها پر ان ڏينهن تي سمورين قومپرست ڌرين طرفان رڳو ڪراچي پريس ڪلب تي هڪ مظاهروبه نه ڪري سگھڻ نه صرف قومپرست ڌرين جي اندروني
اختلافن کي ظاهر ٿو ڪري پر ايڏي وڏي اهم اشو تي ڇڙوڇڙ ٿي بيهڻ مان اهو نه انومان
اڀري ٿو ته سنڌ ۾ قومپرست سياست اڃان الاء ته ڪيتري وقت تائين متبادل قوت ٿي اڀرڻ
جي قابل بنجندي.
جيتوڻيڪ سيد جلال محمود شاه ۽ ڊاڪٽر قادر مگسيء
پنهنجي طرفان سنڌ بچايو ڪميٽيء کي سنڌي ماڻهن جو نمائنده پليٽ فارم بنائڻ ۾ ڪا ڪسر
ڪونه ڇڏي آهي ۽ ڊاڪٽر قادرطرفان اياز لطيف پليجي کي ڪيل اپيل ته هو سنڌ بچايو
ڪميٽيء ۾ متحرڪ ٿئي تنڊو محمد خان ۾ ٿيل جلسي ۾ اياز پليجي جي شرڪت کي ته يقيني
بنايو پر عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جي تمام ننڍي پئماني تي شرڪت ڪيئي سواليه نشآن
اٿاري ڇڏيا آهن.
ساڳئي وقت جسقم طرفان ان ئي ڏينهن سڪرنڊ ۾ بشير
خان قريشي جو ڪيس داخل ڪائڻ لاء سڪرنڊ ۾ احتجاج ۽ ان جي مرڪزي قيادت جو (سواء آڪاش
ملاح جي ) جلسي ۾ شرڪت نه ڪرڻ پڻ سنڌ جي ساڃاه وندن لاء ڳڻتيء جو سبب بڻيو.بشير
خان جو ڪيس داخل ڪرائڻ جيتوڻيڪ هڪ اهم مسئلو ضرور آهي ۽ اهو بشير خان جي وارثن جو
قانوني حق به ته هو جنهن جي خلاف چاهين ڪيس داخل ڪرائين ان سلسلي ۾ نوابشاه جي عدالت
پنهنجو فيصلو به ڏئي چڪي آهي اهو هڪ الڳ سوال آهي ته اگر ڪيس جسقم قيادت جي مرضي
مطابق به داخل ٿي وڃي ته سڪرنڊ پوليس جيڪا رحمان ملڪ ۽ ڊي جي آء ايس آء خلاف
تحقيقات ڪندي اها ڪهڙي هوندي پر هن موقعي تي سڀ کان وڏو سوال خود جسقم قيادت لاء
ٻٽِ مڪاني نظام خلاف هلندڙ جدوجهد ۾ سنڌ بچايو ڪميٽيء اندر ان جي عدم دلچسپي آهي.





