Nov 20, 2012

مانجهند ۾ گھٽڪي جو وڪرو


پابنديء باوجود مانجهند ۾ گھٽڪي ۽ مين پوري جو ڪاروبار جاري -

هول سيل جي دڪانن تان پوري علائقي ۾ گھٽڪي جي سپلاء ٿيڻ لڳي

انساني صحت سان لاڳاپيل اهم مسئلي تي پوليس تعلقي انتظاميه خاموش تماشائي


 پابندي باوجود وڪرو ٿيندڙ گھتڪي جي دڪان تي هڪ نوجوان گھٽڪو کائي رهيو آهي 
حڪومت طرفان پابندي لڳايل ۽ ڊاڪٽرن پاران ڪينسر جو سبب بنجندڙ گھٽڪو ۽ مين پوري مانجهند ۾ سرعام وڪرو ٿي رهيو آهي. ان سلسلي ۾ خبر پئي آهي ته مانجهند ۾ موجود هڪ مذهبي تنطيم جي اڳواڻ جي هول سيل جي دڪان سميت هول سيل جا واپاري ان زهر کي نوجوان نسل جي رڳن ۾ لاهڻ لاء اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن تعلقي انتظاميه   ۽ مانجهند پوليس ان ناسور جهڙي ڪاروبار کي روڪرائڻ م مڪمل طور ناڪام بنيل آهي جنهن ڪري ڪينسر ڦهلائيندڙ گھٽڪو نه صرف مانجهند پر آس پاس جي سوين ڳوٺن ۾ پڻ آساني ء سان وڪرو ٿي رهيو آهي . ياد رهي ته حٽڪي ۽ مين پوري کي صحت جي عالمي اداري ڳلي جي ڪينسر جو سڀ کان وڏو سبب قرار ڌنو آهي جنهن کان پوء سيپٽمبر 2011 ۾ سنڌ اسمبليء هڪ قانون پاس ڪري گھتڪي ۽ مين پوري۽ جي وڪري کي غير قانوني قرار ڏيندي گھٽڪو وڪرو ڪندڙن خلاف سخت ڪاروائي جو حڪم ڏنو هئو پر مانجهند اڃان تائين ان حڪم کان آجو پيو نظر اچي جتي حڪومتي پابنديء باوجود نه صرف کلي عام وڪرو ٿي رهيو آهي پر مانجهند جي هول سيل جي دڪانن زريعي پوري علائقي ۾ سپلاء پڻ ڪيو وڃي ٿو.ڊاڪٽرن جي تازو ڪيل تحقيق مطابق گھتڪو واپرائڻ سان ڪينسر جو خطرو ستر سيڪڙو تائين وڌي وڃي ٿو. هن وقت مانجهند ۾ هر پنجون ماڻهو گھٽڪو واپرائي ٿو جن مان اڪثريت ننڍي عمر جي ٻارڙن ۽ نوجوانن جي آهي جيڪي پنهنجي صحت کان بي خبر ان زهر کي استعمال ڪري رهيا آهن. مانجهند جي ساڃاه وندن استادن ۽ سماجي ڪارڪنن حڪومت کان گھر ڪئي آهي ته ڪينسر جو زهر ڦهلائيندڙ واپارين خلاف بنا امتياز جي ڪاروائي ڪري ان زهر کان نجات ڏياري وڃي. ان سلملي ۾ مانجهند جي سماجي تنظيمن طرفان مانجهند ۾ ”گھٽڪي کان پاڪ مانجهند“ جي نالي سان هڪ مهم جو پڻ جلد ئي آِغاز ڪيو پيو وڃي.

Oct 31, 2012

ٻٽو مڪاني نظام. جدوجهد آخر ڇو ٿڌي ٿي وئي


سياسي رائونڊاپ
خبر ناهي ته فيس بڪ جي سعودي عرب ۾ موجود ان دوست جا رابطا ۽ زريعا ڪهڙا آهن پر ڪجه ڏينهن آڳ هن پنهنجي اسٽيٽس کي اپ ديٽ ڪندي اها حيرتناڪ خبر شيئر ڪئي ته جلد ئي ٻٽي مڪاني نطام خلاف هلندڙ تحريڪ نه صرف ماٺي ٿي ويندي پر گھڻا ته ان مان هٿ ئي ڪڍي ويندا جيتوڻيڪ ان وقت ٻٽي مڪاني نطام خلاف جوش کي ڏسندي  ايئن پئي لڳو ته سنڌ دشمنن اهو شوشو ڇڏيو آهي ته جينئن عوام کي مايوس ڪجي پر اڄ جڏهن نسيم نگر وٽ لڳل هڪ بک هڙتالي ڪيمپ کانسواء سڄي سنڌ تي نظر ٿي ڊوڙائجي ته لڳي ٿو ٽه ان دوست جا ذريعا ڀل ته ڪهڙا به هجن پر هن جي ڳالهه ۾ وزن ضرور هيو.
مڪاني نطام جو بل آڻڻ جو فيصلو ٿيڻ کان اڳ واري رات جيتوڻيڪ اها ڳالهه پڌري هئي ته پپليز پارٽيِ ٻئي ڏينهن نه صرف اهو بل پيش ڪندي پر ان کي منطور به ڪرائي وٺندي جو کين ائين ڪرڻ جو مٿان کان حڪم مليل هئو ۽ ان ڏينهن” رئيس وڏي“ جي لنڊن ۾ الطاف انڪل سان ملاقات رٿيل هئي ۽ يقينن ان ملاقات ۾ ان کان وڏو ڪهڙو گفٽ هجي ها جيڪو” رئيس وڏو“ پنهنجي جنم جنم جي اتحادي کي پيش ڪري ها پر ان ڏينهن تي سمورين قومپرست ڌرين طرفان رڳو ڪراچي پريس ڪلب تي هڪ مظاهروبه  نه ڪري سگھڻ نه صرف قومپرست ڌرين جي اندروني اختلافن کي ظاهر ٿو ڪري پر ايڏي وڏي اهم اشو تي ڇڙوڇڙ ٿي بيهڻ مان اهو نه انومان اڀري ٿو ته سنڌ ۾ قومپرست سياست اڃان الاء ته ڪيتري وقت تائين متبادل قوت ٿي اڀرڻ جي قابل بنجندي.
جيتوڻيڪ سيد جلال محمود شاه ۽ ڊاڪٽر قادر مگسيء پنهنجي طرفان سنڌ بچايو ڪميٽيء کي سنڌي ماڻهن جو نمائنده پليٽ فارم بنائڻ ۾ ڪا ڪسر ڪونه ڇڏي آهي ۽ ڊاڪٽر قادرطرفان اياز لطيف پليجي کي ڪيل اپيل ته هو سنڌ بچايو ڪميٽيء ۾ متحرڪ ٿئي تنڊو محمد خان ۾ ٿيل جلسي ۾ اياز پليجي جي شرڪت کي ته يقيني بنايو پر عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جي تمام ننڍي پئماني تي شرڪت ڪيئي سواليه نشآن اٿاري ڇڏيا آهن.
ساڳئي وقت جسقم طرفان ان ئي ڏينهن سڪرنڊ ۾ بشير خان قريشي جو ڪيس داخل ڪائڻ لاء سڪرنڊ ۾ احتجاج ۽ ان جي مرڪزي قيادت جو (سواء آڪاش ملاح جي ) جلسي ۾ شرڪت نه ڪرڻ پڻ سنڌ جي ساڃاه وندن لاء ڳڻتيء جو سبب بڻيو.بشير خان جو ڪيس داخل ڪرائڻ جيتوڻيڪ هڪ اهم مسئلو ضرور آهي ۽ اهو بشير خان جي وارثن جو قانوني حق به ته هو جنهن جي خلاف چاهين ڪيس داخل ڪرائين ان سلسلي ۾ نوابشاه جي عدالت پنهنجو فيصلو به ڏئي چڪي آهي اهو هڪ الڳ سوال آهي ته اگر ڪيس جسقم قيادت جي مرضي مطابق به داخل ٿي وڃي ته سڪرنڊ پوليس جيڪا رحمان ملڪ ۽ ڊي جي آء ايس آء خلاف تحقيقات ڪندي اها ڪهڙي هوندي پر هن موقعي تي سڀ کان وڏو سوال خود جسقم قيادت لاء ٻٽِ مڪاني نظام خلاف هلندڙ جدوجهد ۾ سنڌ بچايو ڪميٽيء اندر ان جي عدم دلچسپي آهي.
« »

Oct 24, 2012

سياسي دنگل جي شروعات

 سياسي دنگل جي شروعات

اليڪشن ڪڏهن ٿيندي، ؟ ٿيندي به يا نه؟  اهڙا سوال آهن جن جو في الحال ڪو جواب ڏيڻ قبل از وقت آهي پر تر جي روايتي حريف اميدوارن سيد جلال محمود شاهه ۽ ملڪ اسد سڪندر جي وچ ۾ سياسي دنگل جي شروعات ٿي چڪي آهي.حيدآباد ۾ پپليز پارٽي جي سرڪاري شو ۾ تقرير ڪندي ملڪ اسد جو چون هئو ته جلال محمود شاه کي هڪ ڀيرو ٻيهر شڪست لاء تيار رهڻ کپي، هن چئليج ڪندي چيو ته جلال محمود شاه اليشن ۾ بري طرح شڪست کائيندو ، ٻئي طرف بينظير ڀٽو جي شهادت باوجود پ پ اميدوار سڪندر شوري کي ٽف ٽائيم ڏيندڙ ۽ تمام ٿوري مارجن تان اليڪشن هارائيندڙ جلال محمود شاه هن دفعي پر اميد آهي ته عوام پ پ جي گذريل پنجن سالن جي خراب حڪمراني جي جواب م پ پ جي اميدوارن کي هارائي کيس ضرور اسيمبلي تائين پهچائيندو. 

              پپليز پارٽي جو حيدرآباد وارو سرڪاري شو ڪيترو ڪامياب رهيو قطع نظر ان جي ملڪ اسد سڪندر کي ڄڻ ته آن اسڪرين اچڻ جو موقعو ملي ويو ۽ جلسي جي ٻئي ڏينهن کان وٺي پوري هفتي تائين ڪاوش جي فرنٽ پيج تي شير ڪوهستان جي تعريف جا اشتهار هلندا رهيا.ستر ۾ سائين جي ايم سيد کي شڪست ڏيڻ کانپوء جيتوڻيڪ  ڪوهستان جا ملڪ سردار سدائين حاڪماڻين ڌرين جي ويجھو رهيا آهن زمانو چاهي ضياءالحق جو هجي يا وري پرويز مشرف جو ملڪ سردار ۽ ايم ڪيو ايم سدائين اقتداري ڌرين جي ويجهو ئي نظر ايندا پر ائين به ڪونهي ته ملڪ اسد سدائين سن وارن جو حريف ئي رهيو هجي جڌهن ملڪ اسد سڪندر دادوء جو ناظم هئو ته سندس ڳڙهه سمجھيو ويندڙ ڪوٽڙي وري سائين جلال محمود شاهه جي حوالي هوندو هئوجتي سائين جو منظور_نظر خدا بخش جويو تعلقي جو ناظم رهيو.هي اتحاد مڪاني چونڊن جي  ٻئي ٽرم تائين قائم نه رهي سگھيو ۽ سيد جلال محمود شاه نه صرف ضلعي ناظمي تان ملڪ اسد سڪندر هٿان شڪست کاڌي بلڪه ڪوٽري تعلقي تان به سندن اميدوار هارائي ويو ۽ سائين جي بادشاهي وڃي مانجهند تعلقي تائين بچي.
2008 م محترمه بينطير ڀٽو جي شهادت جتي سڄي سنڌ کي لوڏي رکيو اتي اليڪشن جي نتيجن تي به وڏي اثر پيو سمجهيو اهو پئي ويو ته سيد جلال محمود شاه پپليز پارٽي جي اميدوار سڪندر شوري کان نه صرف سياسي حيثيت ۾ وڏو آهي پر سائين طرفان پنهنجو هيڊڪوارٽر ڄامشورو ۾ ٺاهڻ سان پڻ سائين جي ووٽ بينڪ تي مثبت اثر پوندو پر اليڪشن جا نتيجا ان جي ابتڙ آيا ۽ سائين جلال محمود شاه قومي اسمبلي سان گڏ صوبائي اسمبلي تي پڻ هارائي ويو.

    مسلسل اقتدار ۾ رهڻ ۽ برادرين واري سماج ۾ برادرين جي چڱن مڙسن زريعياليڪشني سياست جو وسيع تجربو رکندڙ ملڪ اسد سڪندر جيتوڻيڪ عوام سان سڌي رابطي ۾ نه رهڻ باوجود سمجهي ٿو ته برادرين جي چڱن مڙسن جي وسيع نيٽ ورڪ زريعي هو هيل به سرسي حاصل ڪري وٺندو پر تر جي سياست تي گهري نظر رکندڙ ان کي ايترو سولو به نٿا سمجهن... جلال محمود شاه جو حامي رهندڙ ۽ هاني ملڪ گروپ جي حمايتي هڪ سابق سياسي ڪارڪن جو چوڻ هيو ته گريجيوئيشن واري شرط جي خاتمي کانپوء ملڪ اسد پاڻ اليڪشن  ۾ حصو وٺندو ان ڪري هيل انتهائي سخت مقابلو ٿيندو.
جيتوڻيڪ ملڪ گروپ پراميد آهي ته قومي اسمبلي جي سيٽ تي گڻو سخت مقابلو نه ٿيندو جو ڪوهستان ۾ ايس وي پي جو ڪو خاص نيٽورڪ ڪونهي نه ئي ملڪ چنگيز جو ڪو ايترو ووٽ بينڪ آهي جو هو اتي اثر انداز ٿي سگهي البته ملڪ گروپ جا ويجھا حامي به سمجهن ٿا ته صوبائي اسمبلي جي سيٽ کٽڻ ڪو ايترو سولو ڪم نه هوندو

      

T.M.A مانجھند ۾ ڪرپشن جا هزار داستان

مانجهند جي تعلقه ميونسپل ايڊمنسٽريشن ۾ ٿيندڙ ڪرپشن، اقربا پرورين، پنهنجا نوازي جا حيرت انگيز داستان
.....بس ٿورو انتظار

مانجهند جو تاريخي مندر تباهيء ڪناري

مانجهند جو تاريخي مندر تباهيءڪناري


تاريخ جو ٿورو به  ادراڪ رکندڙ ڀڳت ڪنور رام جي المناڪ قتل کان ضرور واقف هوندا. سنڌ جو هي سخي مرد راڳي مانجهند جي ٽڪاڻي ۾  پنهنجي راڳ جي محفل کان پوء واپس ويندي رڪڻ اسٽيشن تي مذهبي جنونين هٿان ماريو ويو هئو. هيء ان ئي ٽڪاڻي جي تصوير آهي جيڪا سنڌ جي تقدير وانگي  پنهنجو پاڻ تي ماتم ڪري رهي آهي.
      اسان سنڌي ماڻهو جيتوڻيڪ پنهنجي شاندار ماضي، قديم ثقافت تي فخر ڪندي پنهنجي ان شاندار ماضي ء جا مثال ڏيندا آهيون پر جڏهن به ان شاندار تاريخ جي محفوظ هئڻ جي ڳالهه نڪتي آهي ته اسان جا ڪنڌ سچ نه ته شرم کان جھڪي ويندا آهن.، اجھو ڪالهوڻي ڳالهه ئي ته آهي حيدرآباد جو پڪو قلعو اڄ ڪهڙن حالن ۾ آهي. ڪهڙي طرح ڌرتي ڌڻين لاء ان کي نو گو ايريا بنايو ويو اسان بس ڏسندا ئي رهجي وياسين ۽ اسان جي تاريخ جو هڪ اهم باب اسان جي اکين اڳيان کسجي ويو،ساڳيو ئي حال سڄي سنڌ جي تاريخي عمارتن جو آهي. پنجاب واسين پنهنجي تاريخ جي ننڍي ۾ ننڍي اسم کي نه  صرف بچائي رکيو آهي پر ان کي تاريخي ورثو قرار ڌئي ان جي مناسب سنڀال به ڪئي پئي وڃي اسان وٽ ته وري قصو ئي ابتو آهي  سرڪاري سرپرستي ۾ اسان جي تاريخ جا اهم ورق صفحه هستي تان ايئن ميساريا پيا وڃن ڄڻ ته اهي ناجائز قبضه هجن.
    سرڪاري سرپرستي نه هجن جو پٽڪو ڪرڻ ته هونء به فضول آهي، سرڪار ڀلا جيئرن جاڳندن ماڻهن لاء ڇا ڪيو آهي  جو ان تي ميار رکجي تا اها اسان جي ڀرندڙ ۽ ڀڄندڙ تاريخي ورثي کي بچائڻ لاء ڪو قدم کڻي، پر اسان جو مجموعي رويو به انتهائي مايوس ڪندڙ رهيو آهي.
مانجهند ماضيء جو هڪ نهايت خوبصورت شهر رهيو آهي ڪرچي ضلعي جو تعلقو هجڻ کان علاوه هڪ وڏو ڪاروباري مرڪز پڻ رهيو آهي، ان ڪري ان جي هڪ پنهنجي خاص سڃاڻپ رهي آهي،جيتوڻيڪ درياء بادشاه جي ڀڪ ۾ هجڻ ڪري سدائين سهڻي وانگر لهرن جي ور چڙهندو پئي آيو آهي،درياه بادشاه جا انگل آرا کڻندي اڄ ٻن صدين کان به وڏي عمر رکندڙ ماضي ء جو هي خوبصورت شهر جيتوڻيڪ هڪ ننڍڙي شهر جو روپ وٺي بيٺو آهي پر ماضيء جا نشان اڄ به ان جي عظمت جي گواهي ڏئي رهيا آهن.

Oct 23, 2012

ثقافتي ۽ سماجي رائونڊاپ

تعلقي هيڊڪوارٽر ۾ سرڪاري طور تي راند کيڏڻ لاء ڪوبه گرائونڊ ناهي

Oct 22, 2012

علڻ فقير ۽ سر ڪيڏارو

علڻ فقير ۽ سر ڪيڏارو 
ساروڻيون 

جيتوڻيڪ مانجهند هن جي جنم ڀومي نه هيو ۽ هو موهن جي دڙي کان به پراڻي تهذيب آمري جي مٽي جو ماڻهو هئو پر مانجهند هن جي سرير ۾ ساهه وانگر شامل رهيو.مڱڻهار فقير مطلب راڄ جي نياڻي ۽ هن ان رشتي کي واه جو نڀايو. جڏهن به هو مانجهند ايندو هئو ته مانجهند جي هر گھر کي پنهنجي گھر جيان ئي سمجهندو هئو ۽ پوء گھتين ۾ ننڍڙن ٻارن جي هڪ وڏي جلوس ۾ هلندو هئو .. ”علڻ فقيرجو قافلو“.هر گھر ۾ نياڻيون پنهنجي پوتي سرڪائي ٺيڪ ڪنديون هيون جو علڻ جو اچڻ سان ئي پهريون سوال هوندو هئو.. امان پوتي مٿي تي ڇو نه پاتي اٿئي؟..؟ ۽ پوء علڻ سڀني وڏن ننڍن جي خير خبر کان پوء شروع ٿيندو هئو لاڏا سهرا ٻڌائڻ ۾، ان وقت هو واقعي به ڪا راڄ جي نياڻي ئي لڳندو هئو.

سر ته مڱڻهارجي سڃاڻپ آهي، علڻ سريلو ته هيو ئي پر قدرت کيس هڪ نهايت پر سوز آواز به عطا ڪيو هئو ۽ جڌهن به هو پنهنجي روح جي تند تپائي لطيف سائين جي لفّظن کي سر جو روپ ڏيندو هئو ته ني اختيار اکين جا بند ڀڄي پوندا هئا.جيتوڻيڪ علڻ انيڪ رنگن ۾ ڳايو لطيف سائين جي وائي ته هن جي سڃاڻپ بڻي پرهن محمد فقير کان وٺي شيخ اياز تائين پنهنجي سرن کي ايتري ته وسعت بخشي جو هر رنگ هڪ انوکو ۽ جدا رنگ بنجي پيو پر هو جڏهن لخيف سائين جو ڪيڏارو ٺائيندو هئو ته ان پل ڪربلا جو واقعو ڄڻ ته اکين آڏو محسوس ٿيندو هکو، اجهو بس مديني مان حيلين ۾ ڪوفي ڏانهن اسهڻ جي تياري پئي ٿئي ، معصوم صغرا پنهنجي پياري بابي آڏو ٻانهون ٻڌي عرض ڪندي ٿي نطر اچي.. بابا.. سڀ جو وڃو پيا ته مون اڪيلي کي ڪنهنجي جي آسري پيا ڇڏي وڃو.. هڪ دردناڪ آلاپ..

گھوڙن ۽ گھوٽن جيئڻ ٿورا ڏينهڙا
ڪڏهن منجھ ڪوٽن، ڪڏهن راهي رڻ جا
.. لڙڪ اکين جا بند ڀڃي ٻاهر نڪري ايندا هئا.. ۽ لڳندو هئو ڄڻ پوري فضا حسن مير حسين جي غم ۾ ماتم ڪري رهي هجي.. ڏهين محرم جو ڏينهن ٿئي ٿي افسرده ٿو.. شام جي لالي ٿيندي آ ته لڳندو آ ڄڻ ڪربلا جي ميدان ۾ مديني جي شهزادن جو ناحق خون ڦهلجي ويو هجي...عين ان ويل ڀٽين جي پڙ ۾ سوين سوڳوار ماتمين جي اکين جا بند ڀڄي پوندا هئا جڏهن شام غريبان کان پهرين علڻ جي آواز ۾ ڪيڏارو گونجندو هئو.