Nov 20, 2012

مانجهند ۾ گھٽڪي جو وڪرو


پابنديء باوجود مانجهند ۾ گھٽڪي ۽ مين پوري جو ڪاروبار جاري -

هول سيل جي دڪانن تان پوري علائقي ۾ گھٽڪي جي سپلاء ٿيڻ لڳي

انساني صحت سان لاڳاپيل اهم مسئلي تي پوليس تعلقي انتظاميه خاموش تماشائي


 پابندي باوجود وڪرو ٿيندڙ گھتڪي جي دڪان تي هڪ نوجوان گھٽڪو کائي رهيو آهي 
حڪومت طرفان پابندي لڳايل ۽ ڊاڪٽرن پاران ڪينسر جو سبب بنجندڙ گھٽڪو ۽ مين پوري مانجهند ۾ سرعام وڪرو ٿي رهيو آهي. ان سلسلي ۾ خبر پئي آهي ته مانجهند ۾ موجود هڪ مذهبي تنطيم جي اڳواڻ جي هول سيل جي دڪان سميت هول سيل جا واپاري ان زهر کي نوجوان نسل جي رڳن ۾ لاهڻ لاء اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن تعلقي انتظاميه   ۽ مانجهند پوليس ان ناسور جهڙي ڪاروبار کي روڪرائڻ م مڪمل طور ناڪام بنيل آهي جنهن ڪري ڪينسر ڦهلائيندڙ گھٽڪو نه صرف مانجهند پر آس پاس جي سوين ڳوٺن ۾ پڻ آساني ء سان وڪرو ٿي رهيو آهي . ياد رهي ته حٽڪي ۽ مين پوري کي صحت جي عالمي اداري ڳلي جي ڪينسر جو سڀ کان وڏو سبب قرار ڌنو آهي جنهن کان پوء سيپٽمبر 2011 ۾ سنڌ اسمبليء هڪ قانون پاس ڪري گھتڪي ۽ مين پوري۽ جي وڪري کي غير قانوني قرار ڏيندي گھٽڪو وڪرو ڪندڙن خلاف سخت ڪاروائي جو حڪم ڏنو هئو پر مانجهند اڃان تائين ان حڪم کان آجو پيو نظر اچي جتي حڪومتي پابنديء باوجود نه صرف کلي عام وڪرو ٿي رهيو آهي پر مانجهند جي هول سيل جي دڪانن زريعي پوري علائقي ۾ سپلاء پڻ ڪيو وڃي ٿو.ڊاڪٽرن جي تازو ڪيل تحقيق مطابق گھتڪو واپرائڻ سان ڪينسر جو خطرو ستر سيڪڙو تائين وڌي وڃي ٿو. هن وقت مانجهند ۾ هر پنجون ماڻهو گھٽڪو واپرائي ٿو جن مان اڪثريت ننڍي عمر جي ٻارڙن ۽ نوجوانن جي آهي جيڪي پنهنجي صحت کان بي خبر ان زهر کي استعمال ڪري رهيا آهن. مانجهند جي ساڃاه وندن استادن ۽ سماجي ڪارڪنن حڪومت کان گھر ڪئي آهي ته ڪينسر جو زهر ڦهلائيندڙ واپارين خلاف بنا امتياز جي ڪاروائي ڪري ان زهر کان نجات ڏياري وڃي. ان سلملي ۾ مانجهند جي سماجي تنظيمن طرفان مانجهند ۾ ”گھٽڪي کان پاڪ مانجهند“ جي نالي سان هڪ مهم جو پڻ جلد ئي آِغاز ڪيو پيو وڃي.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو